غلام دستگيرسولنگي

غلام دستگيرسولنگي : مشهور تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ماسٽر غلام دستگير ولد مراد خان سولنگيءَ جو جنم 1921ع ڌاري تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ بڊي ۾ ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان رهيو. سندس والدين 1925ع ۾ لڏي لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيا. غلام دستگير اڃا يارهن سالن جو هو ته 1932ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن بعد سندس پرورش وڏي ڀاءُ غلام عباس ڪئي. غلام حيدر سولنگي، سنڌ مدرسي اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هي آزاد سوچ جو مالڪ هو، تنهنڪري نوڪريءَ جي پابندي قبول نه ڪيائين ۽ سرڪاري نوڪريءَ کي خيرباد چئي عوامي خدمت ۽ غريبن جي فلاح بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيائين. 1935ع ۾ مزدور ڪلب جو بنياد وڌائين، جنهن جي پليٽفارم تان غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿاريائين. هن ڪلب جو بنيادي مقصد غريب طبقي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، سندن مسئلا حل ڪرڻ ۽ کين هر طرح جي مدد ڏيڻ هو. انگريز سرڪار کاڌ خوراڪ جي ڪميءَ سبب راشن ڪارڊ سسٽم جاري ڪيو ته هن پنهنجو سڄو وقت سرڪاري دفترن مان مزدورن کي راشن ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ ۾ گذاريو. هو ماڻهن کي ڪارڊ ٺهرائي گهر پهچائيندو رهيو. غلام دستگير سولنگي غريبن مزدورن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ هفتيوار سنڌي اخبار ’مزدور‘ 1947ع ۾ جاري ڪئي، جنهن جو 1957ع تائين ايڊيٽر رهيو. ان کان سواءِ ڪيترين مزدور تنظيمن جو بنياد وجهڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ان زماني ۾، سنڌ ۾ سنڌي اخبارن کي خبرون پهچائڻ لاءِ ڪو ادارو ڪونه هو، ان ڪري هن ’ماسٽر نيوز سروس‘ نالي سنڌي نيوز ايجنسي قائم ڪئي. هن نيوز ايجنسي ڳوٺن جا مسئلا اخبارن ذريعي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن ايجنسيءَ مان جيڪا به آمدني ٿيندي هئي، تنهن کي هو فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪندو هو. غلام دستگير سماجي، صحافتي ۽ مزدور تحريڪ تنظيمن کان سواءِ هاري تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو. 1937ع ۾ هن سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدر بخش جتوئيءَ جو ساٿ ڏنو. هي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي پهرين ضلعي باڊيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ ادبي ثقافتي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ’ماسٽر ڪلب‘ جو بنياد وڌائين، جنهن پاران اسٽيج ڊرامن، موسيقيءَ جي محفلن ۽ مصوريءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. ان دوران مشهور مصور گل محمد کتريءَ جي تصويري نمائش لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪرايائين. هيءُ شهرين جي تفريح لاءِ سال ۾ ٻه چار وڏا پروگرام ضرور منقعد ڪرائيندو هو. سندس ڪوٺايل ڪيترن پروگرامن ۾ ماسٽر چندر به ايندو هو. غلام دستگير سولنگي لاڙڪاڻي ۾ ٿيل ويهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ هو. غلام دستگير سولنگي هڪ بي لوث مزدور اڳواڻ، باعمل صحافي ۽ اديب هو. هن لاڙڪاڻي شهر ۾ ثقافتي، ادبي، سماجي، صحافتي سرگرمين لاءِ پاڻ پتوڙيو. کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. غلام دستگير سولنگي، فبروري 1969ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو